23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز |ٺڪراٺو: ڳوٺاڻن جو قديم ماڳ لول ماڙي تي قبضي خلاف احتجاج

* ٺڪراٺي ويجهو ڳوٺاڻن قديم ماڳ لول ماڙي تي قبضي خلاف احتجاج ڪندي آثارن کي بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سيد واجد علي شاهه، وزير ڀنڀرو، سجاول لغاري، رياض علي شاهه ۽ ٻين دانهيو ته بااثرن قديم ماڳ تي قبضو ڪري اڏاوت شروع ڪري ڇڏي آهي.

هنن الزام دانهيون ته بااثرن قديم ماڳ تي قبضو ڪري ڪوڙا کاتا ٺهرائي ڇڏيا آهن.

رهواسين ٻڌايو ته مختيار ڪار پنو عاقل ۽  اسسٽنٽ ڪمشنر کي قديم ماڳ تي قبضي کان آگاهه ڪيو ويو آهي، جن ماڳ جو معانو ڪري آثارن کي محفوظ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

هنن چيو ته ھي ماڳ موھن جي دڙي جيان قديمي آھي هو جلد قبضو ڪندڙن خلاف ڪورٽ جو در کڙڪائيندا.

رهواسين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته قديمي ماڳ تي قبضو ڪندڙ خلاف ڪيس داخل ڪري سنڌ جي ثقافت کي بچايو وڃي…

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سکر: وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو ساراهه جوڳو قدم، ڏسو هن خبر ۾

* سکر جي سائيڊ ايريا ۾ وڏي وزير سيد مراد علي  شاھ گونگن ۽ ٻوڙن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے