17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |بخشاپور: جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ سبب نوجوان مارجي ويو

Jalhraniwaskilled, bakshapurبخشاپور    ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ، فائرنگ سبب نوجوان مارجي ويو.

ڳوٺ جھولو خان جکراڻي ۾ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾  معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ سبب گولي لڳڻ سبب نوجوان عبدالمجيد جکراڻي زخمي ٿي پيو، جيڪو ڪشمور اسپتال نيو پئي ويو تھ   هو زخمن جا سور نھ سهندي  فوت ٿي ويو.

نوجوان جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن، فائرنگ جو سلسلو بھ وقفي وقفي سان جاري آهن.

پوليس اطلاع ملڻ باوجود واقعي واري  هنڌ نھ  پهتي،  ايس ايڇ او بڊاڻي ايٽ مياڻي سان رابطو ڪرڻ تي هن ٻڌايو تھ پنجاب جي حد آهي، ان ڪري ڪارروائي نھ ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ پاران گهوٽڪي ڪينال جو معائنو

ڏھرڪي ويجهو ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ گهوٽڪي ڪينال پهچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے