23 منگل , اکتوبر 2018

نيوز |حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جو قبرون مسمار ڪري روڊ ٺاهڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾  قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽  ڳوٺ دلشاد ٻگهيو جي رهواسين ڳوٺ جي قبرستان تي قبرون مسمار ڪري روڊ ٺاهڻ خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو.

قومي عوامي تحريڪ  جي ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن الطاف خاصخيلي، گلزار خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج  ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڳوٺ دلشاد ٻگهيو ۾ بلڊر مافيا پوليس ۽ انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري اڌ ڳوٺ جي زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي .

هنن چيو ته  بااثر بلڊر انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري غير قانوني پلازا ۽ هائوسنگ اسڪيمون ٺاهي ڇڏيون آهن .

هنن چيو ته  بلڊر مافيا ڳوٺ دلشاد ٻگهيو جي قبرستان جو قبرون مسمار ڪري روڊ ٺاهي ڇڏيو آهي ڳوٺاڻن کي لڏائڻ لاءِ رستا بند ڪري ڀتيون  ڏئي ڇڏيون آهن.

هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته بااثر بلڊر خلاف ڪارروائي ڪري کين اجهن کان محروم ٿيڻ کان بچايو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے