24 بدھ , اکتوبر 2018

نگران وزيراعظم بابت ڪو به مشورو نه ڪيو ويو آهي: شاهه محمود

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي معاملي تي اسان نه ٽن ۽ نه وري تيرهن ۾ آهيون، اسان سان ڪو به مشورو نه ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته نواز شريف جو نظريو پارٽي اندر ۽ ٻاهر غير مقبول آهي، سندس بيان صدر نظريي کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، خوف آهي ته نواز شريف جي بيان کي جواز بڻائي پاڪستان تي پابنديون نه لڳايون وڃن. هن چيو ته حڪومت جي نيت صاف آهي ته فاٽا سڌارن تي اتفاق ٿي سگهي ٿو، اسان آئيني ترميم ڪري سگهون ٿا ۽ ماحول پيدا ڪري سگهون ٿا ته جيئن فاٽا سڌارا اڳتي وڌي سگهن. سندس چوڻ هو ته اسان فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جا خواهشمند هئا ۽ رهنداسين،  اسان سمجهون ٿا ته اهو ئي مستقبل جو رستو آهي ته نه رڳو فاٽا ڪي پي ۾ ضم ٿي پر اتي چونڊون ٿين ۽ مڪاني چونڊون به جلد کان جلد ڪرايون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے