20 منگل , نومبر 2018

قوم جي دولت خرچ ڪرڻ بابت پڇيو وڃي ته اها زيادتي ناهي: نيب چيئرمين

PML-N to transfer money to Nawaz Sharif: NAB chairman apologizes to attendance at Cambridgeاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته اسان ڊبل شاهه کي سنگل شاهه بڻائي ڇڏيو، نيب احتساب سڀني جي لاءِ واري پاليسي تي عمل پيرا آهي ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو نيب جي پهرين ترجيح آهي. نيب چيئرمين جاويد اقبال اهڙن خيالن جو اظهار لاهور ۾ ڪ هائوسنگ سوسائٽي جي متاثرن ۾ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نيب چيئرمين چيو ته نيب ڪنهن انتقامي ڪارروائي تي يقين نٿي رکي، جمهوري جو بنادي مقصد عوام جي خدمت آهي،  اُهو ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي جيڪو جمهوريت ۾ ڪرپشن کي هٿي ڏئي. هن چيو نيب هاڻ ڪرپشن کي هٿي نه ڏيڻ ڏيندي، اِهو آخري فيصلو آهي، بدعنوان عنصرن جي خلاف عدم برداشت ۽ احتساب سڀني جي لاءِ واري پاليسي تي سختي سان عمل جاري آهي. نيب چيئرمين جو چوڻ هو ته نيب حڪومتي ۽ رياستي ادارو آهي، اهو ٻاهران ناهي آيو، نيب جو اصول اهو ئي آهي ته هر شئي قانون جي موجب هجي. جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبا چيو ته نيب جي ذهن ۾ ڪنهن قام جو ڪو به تعصب ناهي، جڏهن عوام جي خدمت نه ٿيندي ته جمهوريت جي بقا به خطري ۾ اچي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته قوم جي دولت خرچ ڪرڻ جو پڇيو وڃي ته اها زيادتي ناهي، شڪايت جي ڇنڊ ڇاڻ، انڪوائري ۽ جاچ شروع ڪرڻ ۽ بند ڪرڻ جو فيصلو ايگزيڪٽو بورڊ جي منظوري کان پوءِ پريس ريليز جي ذريعي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے