21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |نئون ڪوٽ: پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف عورتن جو احتجاج

Women protest against drinking water Shortageميرپورخاص  ۾ عورتن ۽ ٻارڙن پاران پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٽائون ڪميٽي آڏو نئين ڪوٽ جي واحد ڪالوني جي رهواسين پيئڻ واري پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هينو ويو

ميڊيا سان ڳالهائيندي عورتن چيو ته چونڊيل نمائندا رڳو ووٽ لاءِ اچن ٿا، پر ووٽ وٺڻ بعد پوئتي ڏسن ئي نٿا ته ووٽرن سان ڪهڙي حالت آهي.

هنن چيو ته ڪالوني ۾ پيئڻ جي پاڻي جو ڦڙو به ناهي، جنهن سبب کين سحري ۽ افطاري وقت کين سخت ڏکيايون ٿي رهيون آهن.

سندن چوڻ هو ته مزدوري مان ملندڙ 3 سئو رپين مان پيٽ گذر ڏکيائي سان ٿئي ٿو، اهڙي حالت ۾ هو پاڻي جو ٽينڪر ڪيئن خريد ڪري سگهن ٿا.

عورتن ٽائون انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته ڏينهن اندر پاڻي نه ڏنو ويو ته هو ٻيهر سخت احتجاج ڪندا.

ٻي پاسي ٽائون انتظاميه جي پاڻي ڏيڻ جي خاطري بعد عورتن احتجاج ختم ڪيو.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر مير عاطف ٻڌايوا ته واحد ڪالوني ڇيڙي تي آهي، وچ وارين ڪالونين جا رهواسي موٽرن ذريعي پاڻي کڻيو وڃن  جنهن سبب پڇاڙي ۾ پاڻي نٿو پهچي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے