14 بدھ , نومبر 2018

قانون جي حڪمراني هر ڪنهن کي قبولڻ گهرجي: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته قانون جي حڪمراني هر ڪنهن کي قبولڻ گهرجي، نيب هجي يا ڪو ٻيو ادارو اتي انصاف يا احتساب بنا فرق جي هئڻ گهرجي، سان اورنج لائين ۾ 70 ارب رپين کان وڌيڪ بچت ڪئي آهي، بچت تي نيب کي ته اسان کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ گهرجي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شيرف ميو اسپتال جي سرجيڪل ٽاور جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته مون تي الزام لڳو ته مون پاناما ۾ نيازي صاحب کي 10 ارب رپيا رشوت ڏني، نيازي صاحب، اليڪشن ۾ وڃڻو آهي ۽ توهان چئو ٿا ته مون هڪ کي هڪ پاڪستان بڻائڻو آهي. هن چيو ته هتي اسٽيٽ آف دي آرٽ 16 آپريشن ٿيٽر آهن، ٽاور ۾ برن يونٽ به اسٽيٽ آف دي آرٽ آهي، برن يونٽ ۾ جديد مشين آهي جيڪا اِهو پتو لڳائيندي ته مريض ڪيترو سيڪڙو سڙي چڪو آهي، انجيوگرافي ميشن به اسٽيٽ آف دي آرٽ آهي. ڪاش سنڌ ۾ به سٺيون اسپتالون هجن ها ته اليڪشن ۾ هڪ صحت مند مقابلو ٿئي ها، سنڌ ۾ هنن ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دپيڪا ۽ رنوير جي شادي جاري: سڀاڻي ٻئي سنڌي روايتن موجب تقريب ۾ نظر ايندا

روم(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي دلڪش جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه شادي جي ٻنڌڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے