20 منگل , نومبر 2018

جيڪو به اقتدار سنڀاليندو ان جي لاءِ بحران جي ور چڙهيل پاڪستان هوندو: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته موجوده حڪمرانن جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۽ بعد جا اثاثا ڏٺا وڃن، خبر پئجي ويندي ته اِهي سياست ۾ ڇو آيا. هن چيو ته پاڪستان اڄ ڪيترن ئي چيلنجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ڇو پوئتي رهجي ويو؟ جنهن معاشري ۾ انصاف نه ملي اتي اڳتي نٿو وڌي سگهجي. عمران خان چيو ته پاڪستان جو قرض 10 سالن ۾ 27 کرب رپين تائين پهچي ويو آهي، جيڪو به اقتدار سنڀاليندو ان جي لاءِ بحران ۾ گهيريل پاڪستان هوندو. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جيڪا صلاحيت قائد اعظم وٽ هئي ڪنهن وٽ به نه هئي، برطانيا وٽ به قائد اعظم جهڙي وڪالت واري صلاحيت نه هئي، قائد اعظم اُهو سياستدان هو جيڪو آزادي جي لاءِ نڪتو هو. عمران خان چيو ته مون کي سياست ۾ اچڻ جي ضرورت نه هئي، سياست هڪ مقصد جي لاءِ ڪري رهيو آهيان پر ڪجهه ماڻهن جو مقصد سياست ۾ اچي پيسو بڻائڻ هوندو آهي. هن چيو ته مون آخري ٻه سال ڪرڪيٽ ڪينسر اسپتال بڻائڻ جي لاءِ کيڏي، ڪينسر اسپتال جي لاءِ 20 مان 19 مانحن چيو ته نه بڻجدني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے