18 اتوار , نومبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس: نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جا بيان قلمبند نه ٿي سگهيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر جا بيان اڄ به قلمبند نه ٿي سگهيا جنهن تي ڪيس جي ٻڌڻي 21 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي. تفصيل موجب اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي سربراهي ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اڳوڻو زير اعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث هڪ ڏينهن جي  ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي جڏهن ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر جا بيان قلمبند نه ٿي سگهيا. ٻڌڻي دوران وڪيل خواجا حارث چيو ته چيو ته واجد ضياءِ تي العزيزيه ۾ جرح مڪمل ٿيڻ کان 342 جو بيان ريڪار  ڪيو وڃي، سوالنامي ۾ ڪيتريون ئي شيون گڏيل آهن، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته عدالت بيان وٺڻ وارو معاملو طئي ڪري چڪي آهي جنهن بعد سوالنامو ڏنو آهي، ڪورٽ جو وقت ضايع نه ڪيو جن سوالن جا جواب ڏئي سگهو ٿا ڏئي ڇڏيو جنهن تي خواجا حارث چيو ته عدال تجو هڪ ڏينهن ضايع ٿيو آهي، ڇنڇر جي ڏينهن به حاضر ٿي ويندس. ٻڌڻي دوران خواجا حارث چيو ته قطر ۽ دبئي بابت سوال گڏيل آهن، جنهن تي ڊپٽي پراسيڪيوٽر سردار مظفر چيو ته ايون فيلڊ ۾ الڳ کان چارج آهي، الڳ کان سوال آهن، عدالت 342 جو بيان فوري به ريڪارڊ ڪرائي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوئيٽا ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ 3 سيڪورٽي اهلڪار شهيد، 4 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)مارگٽ ۾ بارودي سرنگ جي ڌماڪي جي نتيجي  ۾ 3 سيڪورٽي اهلڪار شهيد، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے