16 جمعہ , نومبر 2018

رپورٽ | لاکاروڊ : خدا بخش مائينر ۾پاڻي کوٽ، فصل تباهه، آبادگار معاشي بدحاليءَ جو شڪار

Water Shortage in Khuda Bux Mehrani, Crops Destroyed, Farmers Financially disturbed سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب فصل تباهه ۽ آبادگار معاشي بدحاليءِ جو شڪار آهن.

لاکاروڊ ڀرسان خدا بخش مائينر ۾6 مهينن کان پاڻي کوٽ سبب آبادي سخت متاثر ٿي رهي آهي جڏهن ته هاري ۽ پورهيت سخت پريشانين جو شڪار آهن.

پاڻي کوٽ خلاف ڳوٺ ستار ڏنو مڱريو، حاجي ڦوٽو ڏاهري ۽ ڳوٺ علي محمد مڱريي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين ڪوڏريون هٿن ۾کڻي آبپاشي عملدارن خلاف احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي آبادگارن امام بخش مڱريو، محمد يعقوب ڏاهري، الهورايو، محمد حنيف ڏاهري، شاهد ڏاهري ۽ ٻين عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهيندي چيو ته 6 مهينن کان پاڻي کوٽ سبب فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن، شاخ جي ڀڇڙي ۾پاڻي جو ڍڪ به ناهي، هو ڳرا خرچ ڪري ٿڪجي پيا آهن، فصل جي سموري ڪمائي خرچ ۾پوري ٿي وڃي ٿي.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته هو پاڻي کوٽ سبب سخت پريشانين جو شڪار آهن، آبپاشي عملدار شاخ ۾پاڻي نٿا ڇڏين.

آبادگارن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته شاخ ۾پاڻي ڇڏي کين پريشانين کان بچايو وڃي.

محمد صالح ڏاهري عوامي آواز ٽي وي لاکاروڊ

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے