19 پیر , نومبر 2018

پاڪستان عوامي تحريڪ جي خرم نواز گنڊاپور جي هاسٽل جي شاگردياڻين سان بدتميزي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ خرم نواز گنڊاپور جي منهاج القرآن يونيورسٽي جي شاگردياڻين سان بدتميزي ڪئي، شاگردياڻين طرفان ڳالهائڻ واري ڪوشش تي کين هر هر شٽ اپ چيو. سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو گرڊش ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڏٺو ويو ته خرم نواز گنڊاپور شاگردياڻين سان ان وقت بدتميزي ڪئي جڏهن هو افطار ۾ شرڪت جي لاءِ هاسٽل جي ٻاهر بيٺيون هيون،  خرم نواز گنڊاپور نه رڳو شاگردياڻين کي ڇنڊ پٽي پر ڪيترائي ڀيرا شٽ اپ به چيو ۽ کين ڌمڪائيندي چيو ته توهان اڃان منهنجو ٻيو روپ ناهي ڏٺو جڏهن ته ان موقعي تي شاگردياڻين خرم نواز گنڊاپور کي پنهنجا مسئلا ٻڌائينديون رهيون. يونيورسٽي انتظاميا جو موقف آهي ته خرم نواز گنڊاپور عوامي تحريڪ جو عهديدار هئڻ سان گڏوگڏ منهاج القرآن يونيورسٽي جو ايڊمنسٽريٽر به آهي جڏهن ته شاگردياڻين کي 6 وڳي کان پوءِ يونيورسٽي مان نڪرڻ جي اجازت ناهي ان ڪري هن شاگردياڻين کي زبردستي گيٽ کولرائي ٻاهر وڃڻ تي ڳالهايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن مقصد لاءِ قربانيون ڏنيون ان کي حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته هاڻ اسان هائبرڊ عسڪريت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے