17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |پنو عاقل: باهه لڳڻ سبب نينگري فوت،علائقي ۾ باهه ڏئي ساڙي مارڻ جا چوٻول

پني عاقل ۾ باهه لڳڻ سبب 13 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي.علائقي ۾ نينگري کي باهه ڏئي ساڙي مارڻ جا چوٻول

ڳوٺ والو انڍڙ ۾ رشيد انڍڙ جي ڌيءُ سڀاڳي باهه لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، علائقي ۾ نينگري کي باهه ڏئي ساڙي مارڻ جا چوٻول آهن.

نينگري جي وارثن موجب نينگري دماغي بيمار هجڻ ڪري باهه ۾ وچڙي فوت ٿي وئي آهي.

هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته نينگري کي اڻڄاتل جوابدارن باهه ڏئي ساڙي ماري ڇڏيو آهي.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي سلطانپور پوليس ٻڌايو ته کين نينگري جي باهه ۾ سڙي فوت ٿيڻ بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے