19 پیر , نومبر 2018

نيوز |کوسڪي: عورت سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار گرفتار

harassment of woman, Victim arrested کوسڪي ڀرسان پوليس 25 ورهين جي پرڻيل عورت سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدارن مان هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نندي شهر ۾ عورت سان هٿيارن جي زور تي لڄالٽ ڪندڙ ٻن جوابدارن مان امتياز ميمڻ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻيو جوابدار عاشق شاهه فرار ٿي ويو.

قاضي پاڙي جي رهواسڻ گهر وڃي رهئي ته ساڻس ٻن جوابدارن لڄالٽ ڪري وڊيو رڪارڊ ڪئي، ڳالهه راز ۾ نه رکڻ تي  جوابدارن وڊيو انٽرنيٽ تي رکڻ جي ڌمڪي ڏني.

نندي ٿاڻي تي متاثر عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنهن بعد پوليس هڪ جوابدار امتياز ميمڻ کي گرفتار ڪيو، ۽ ٻيو جوابدار عاشق شاهه فرار ٿي ويو.

هوڏانهن سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ سبب متاثر عورت پريشان رهي، جنهن بعد کيس ميڊيڪل لاءِ بدين روانو ڪيو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے