21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |چمبڙ: ايم ڊبليو ايم پاران  فلسطينين تي  اسرائيل جي ظلم خلاف احتجاجي ريلي

Palestinians protest against Israeli tyrannyچمبڙ ۾ وحدت مسلمين تنظيم پاران  فلسطينين تي  اسرائيل جي ظلم خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

غلام رسول، خدا بخش ۽ لياقت ڪمبوهه سميت ٻين  جي اڳواڻي ۾وحدت مسلمين تنظيم جي ڪارڪنن ۽ ٻين اسرائيل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

عوامي آواز سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته آمريڪا جي چوڻ تي اسرائيل معصوم فلسطينين سان ظلم ڪري رهيو آهي، اهو عمل مسلمانن سان ناانصافي آهي.

سندن چوڻ هو ته فلسطيني حق تي آهن، سندن وسلين تي قبضو ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب هو مذحمت ڪري رهيا آهن، جيڪا اسرائيل کان هضم نٿي ٿئي.

هنن چيو ته اسرائيل جي وحشياڻي عمل جي هو سخت مذمت ڪن ٿا، آمريڪا ۽ اسرائيل فلسطينين سان ظلم ڪرڻ بند ڪن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے