14 بدھ , نومبر 2018

ٽيڪساس فائرنگ: يقين نه پيو اچي ته سبيڪا اسان کان وڇڙي وئي آهي: والد

Texas firing: Not sure that Sebecca has vanished us: Fatherڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل ڪراچي جي سبيڪا عزيز شيخ کي 22 ڏينهن بعد 9 جون تي وطن واپس ورڻو هو. سبيڪا عزيز شيخ آريڪي پرڏيهي وزارت طرفان ڪينيڊي لوگر يوٿ ايڪسچينج اينڊ اسٽدي اسڪالرشپ پروگرام جي تحت گذرل سال 21 آگسٽ تي 10 مهينن جي لاءِ آمريڪا وئي هئي ۽ 9 جون تي کيس وطن واپس اچڻو هو. هو ٽيڪساس جي شهر سانتافي جي هاءِ اسڪول  پنهنجي تعليم پرائي رهي هئي، جتي گذريل ڏينهن اسڪول جي ئي هڪ شاگرد جي فائرنگ جي نتيجي ۾ فوت ٿي وئي.سبيڪا جا وارث پنهنجي نياڻي جي المناڪ واقعي تي گهري صدمي ۾ وڪوڙجي ويا آهن، ۽ ڪراچي ۾ سندن رهائش گاهه تي تعزيت جي لاءِ ماڻهن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي.ان موقعي تي سبيڪا جي والد عبدالعزيز چيو ته کيس اڃان تائين يقين نٿو اچي ته سندس نياڻي فوت ٿي چڪي آهي، هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سبيڪا تمام گهڻي ذهين ۽ سندس ٽن نياڻين مان سڀني کان وڏي هئي، ملڪ جي خدمت ڪرڻ سندس سڀ کان وڏي خواهش هئي.هن ٻڌايو ته آمريڪي پروگرام جي لاءِ 6 هزار شاگردن مان رڳو 75 شاگردن جي چونڊ ڪئي وئي، جن ۾ سبيڪا پڻ شامل هئي. عبدالعزيز چيو ته کيس فائرنگ جو اطلاع گذريل ڏينهن افطاري بعد مليو ، رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سبيڪا فون اٽينڊ نه ڪئي. هن چيو ته سيبڪا جو مڙهه پاڪستان آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان حوالي سان آمريڪا ۾ پاڪستان سفارخاني سان رابطي ۾ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ دهشتگردي نه هئڻ گهرجي.ان موقعي ته سبيڪا جي ننڍي ڀاءُ چيو ته هن ڀيڻ جي 9 جون تي واپسي تي سندس شاندار استقبال ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي هئي.ڀيڻ جي وفات تي ڀريل آواز ۾ هن چيو ته سمورو گهر سبيڪا سان محبت ڪندو سندس هر شئي يادگار آهي. سبيڪا جي سئوٽ طلحه چيو ته هو پڙهائي ۾ ٻين جي مدد ڪندي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ سٽي اسڪول ۽ بيڪن هائوس اسڪول جي ريجسٽريشن معطل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) تعليم کاتي سٽي اسڪول ۽ بيڪن هائوس اسڪول جي سموري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے