18 اتوار , نومبر 2018

نيوز |قاضي احمد: ٻاڪري مال ۾ ڦڦرن جي بيماري منهن ڪڍيو، مالوند پريشان

قاضي احمد جي مختلف ڳوٺن ۾ ٻاڪري مال ۾ ڦڦرن جي بيماري ڪر کنيو آهي جنهن ڪري مسڪين مالوند ماڻهو سخت پريشان آهن .

ڳوٺ حمزو جتوئي، راضي جتوئي، محراب راھو جا ڀاڻ   ۽  ٻين ڳوٺن ۾ ٻاڪرو مال ڦڦڙن جي بيماري ۾ وڪوڙجي ويو آهي .

ان موقعي تي ڳوٺاڻن رمضان سھتو ۽ محمد عثمان راھو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ته بار بار قاضي احمد اسپتال جي ڊاڪٽرن کي علاج لاءِ چيو آهي پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي .

هنن ٻڌايو ته وٽرنرر ڊاڪٽرن  ۽ انتظاميا جي بي ڌياني ۽ لاپرواهي سبب سندن ٻڪريون مري رهيون آهن .

هنن سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته سندن ڳوٺن ڏانهن ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي سندن وٿاڻن کي خالي ٿيڻ کان بچايو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے