14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |سن: ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جي پگهارون نه ملڻ خلاف علامتي بک هڙتال جاري

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينج حيدرآباد  طرفان بحال ڪيل    ٽائون ڪميٽي سن جي ملازمن 2016 کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري  علامتي بک هڙتال جاري رکي..

ٽائون ڪميٽي سن جي ملازمن محمد بخش ملاح ، محمد حسين سومرو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري    چوٿين ڏينهن به ٽائون انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪري ڌرڻو هنيو .

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو داهيندي چيو ته چئن سالن کان  احتجاج ڪري رهيا آهيون، جڏهن تھ عدالت به  هنن  کي بحال ڪري چڪي آهي، پر ان باوجود انصاف نه ٿو ڪيو وڃي .

ٻئي طرف شاھ  اويس ڪينال جدوجھد  ڪميٽي جي طرفان ٽائون ڪميٽي سن جي ملامن سان يڪجھتي طور بک هڙتالي ڪيمپ ۾  شرڪت ڪئ وئي.

ھوڏانھن ٽائون ڪميٽي مانجھند جي آفيسر سيد جمال الدين شاھ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سن ۽ مانجھند ٽائون ڪميٽين جي 94 ملازمن جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينج حيدرآباد ۾ هلندڙ آهي .

هن چيو تھ  28 مئي تي ڪورٽ ۾ حاضري آهي،  ڪورٽ جيڪو فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪيو ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڏوڪري: ڪيڊٽ ڪاليج ۾ اسڪول ۾ علامه اقبال ڏهاڙو ملهايو يو

ڏوڪري ڀرسان ڪيڊٽ ڪاليج جي ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ علامه اقبال جي ڏهاڙي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے