17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |باڊھ: ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن جو وقت سر پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ خلاف احتجاج

باڊھ  ۾  ٽائون ڪاميٽي  جي ملازمن وقت سِر پگهارون  ۽ پينشن نه ملڻ توڙي پگهارن ۾ ڪٽوٽي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو .

ملازمن   غلام نبي لنڊ، ظفر پنهور،   ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ٽائون ڪاميٽي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي ته هنن چيو ته باڊھ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن کي 2012 کان رهيل ڊفرنس، پينشن ، رهيل پگهارون ۽  گريجوئٽي ناهي ملي  .

هنن ٻڌايو ته ٽائون ڪاميٽي باڊھ جي اڪائونٽ ۾ سنڌ سرڪار پاران هر منهيني 5 تاريخ تي ملازمن جي پگهارن لاءِ رقم موڪلي وڃي ٿي پر باڊھ ٽائون انتظاميا ڄاڻي واڻي پگهارون وقت سر نٿي ڏئي .

هنن گهر ڪئي ته سندن سمورا مطالبا ترت مڃيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے