21 بدھ , نومبر 2018

نيوز |ڪنڌڪوٽ: ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف ٻيهر آپريشن شروع

ڪنڌڪوٽ  ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف ٻيهر آپريشن شروع  ڪيو ويو آهي .

ايس ايس پي بشير احمد بروهي جي اڳواڻي ۾ پوليس ۽ رينجرز بدنام ڌاڙيلن جيئند جاگيراڻي ۽ نواب جاگيراڻي جي گهرن ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جنهن دوران ڏوهارين پاران 5 راڪيٽ لانچرن جا گولا فائرڪيا ويا .

ايس ايس پي بشير احمد بروهي ٻڌايو ته ٻن ڏوهارين ڪاشف ۽ ياسين جاگيراڻي کي هينڊ گرنيڊ ۽ سوين گولين سميت گرفتار ڪيو ويو آهي .

هن ٻڌايو ته  ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڪاروائي جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ڏوهارين پاران پڻ جديد هٿيارن جو استعمال ڪري سخت مزاحمت ڪئي پئي وڃي ۽ ڏوهارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

هوڏانهن 3 مغوين انعام گولو،رضوان ڀٽو ۽ غالب لاشاري جي بازيابي لاءِ پڻ پوليس پاران مختلف ڏوهارين جي هنڌن تي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: چوهڙ جمالي: ڳوٺ جان محمد جت ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ، نوجوان قتل

*چوهڙ جمالي  ويجهو ڳوٺ جان محمد جت ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو  جوابدار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے