15 جمعرات , نومبر 2018

شاهي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ جي  لاءِ پريانڪا لنڊن پهچي وئي

UK sun welcomes Priyanka Chopra, star all set to be by Meghan Markle's side   Read more at: //economictimes.indiatimes.com/articleshow/64231166.cms?utm_source=contentofinterest&utm_medium=text&utm_campaign=cppstلنڊن(شوبز نيوز) بالي ووڊ سندري پريانڪا چوپڙا، آمريڪي اداڪارا ميگن مارڪل ۽ شهزادي هيري جي شاديءَ ۾ مهمان طور شرڪت ڪرڻ لاءِ لنڊن پهچي وئي. جيئن ته پريانڪا چوپڙا بالي ووڊ سميت هالي ووڊ ۾ پڻ پنهنجي ادڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي اهو ئي سبب آهي جو سندس هالي ووڊ جي ڪيترن ئي ستارن سان دوستي وارو ناتو قائم آهي، جن ۾ ادڪارا ميگن مارڪل پڻ شامل آهي. پريانڪا ۽ ميگن جي ملاقات 2016 ۾ لاس اينجلس ۾ هڪ تقريب دوران ٿي هئي، جنهن بعد اها ملاقات دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. پريانڪا چوپڙا گذريل ڏينهن لنڊ پهتي ۽ پنهنجون تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو پاڻ به شاهي جوڙي جي شاديءَ تي تمام گهڻي پرجوش آهي.ياد رهي ته ميگن مارڪل هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته هو ڪنهن ۾ بالي ووڊ ادڪارا پرينڪا چوپڙا سان ضرور ڪم ڪرڻ چاهيندي، ۽ سندس خواب آهي ته هو بالي ووڊ ۾ پريانڪا سان گڏ ڪم ڪري ڇو ته اسان گڏجي تمام گهڻو انجواءِ ڪنداسين. شهزادي هيري ۽ ميگن مارڪل جي شادي اڄ ٿيندي، جنهن جي لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستقبل جي ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي: سارا خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے