22 پیر , اکتوبر 2018

جنسي هراسان وارو معاملو: ميشا شفيع فيشن ڊيزائنرن مٿان ڪڙڪي پئي

Sexual transactions: Masha Shafi was fading over fashion designersلاهور(شوبز نيوز) مشهور ڳائڻي ميشا شفيع ان سمورن فيشن ڊيزائنرن مٿان تپي باهه ٿي وئي جيڪي هن وقت تائين پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ جنسي هراسان ڪرڻ وارن واقعن تي چپ آهن. گذريل ڏينهن مجاهد رسول،  فوٽو گرافر عظيم ثاني تي جنسي هرسان ڪرڻ جو الزام لڳايو ۽ ڳالهه ٻولهه جا اسڪرين شاٽ پڻ شيئر ڪيا. مجاهد رسول چيو ته پاڪستان فيشن انڊسٽري ۾ جنسي هراسان ڪرڻ وارو ڪلچر قائم آهي، جتي طاقتور مڙد شخصيتون نوجوان مڙد ماڊلن کي جنسي استحصال جو نشانو بڻائن ٿا. راڳي علي ظفر تي ويجهڙائي ۾ جنسي هراسان وارو الزام هڻندر ڳائڻي ميشا شفيع مجاهد رسول جي ٽوئٽ بعد پاڪستان فيشن انڊسٽري جي اهڙن ڊيزائنرن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو جيڪي هن وقت تائين خاموش تماشائي بڻيل آهن. ميشا شفيع ٽويٽ ذريعي چيو ته هو ماڊل مجاهد رسول تي فخر محسوس ڪري ٿي ته هن هراسان ٿيڻ تي آواز بلند ڪيو، خاموشي سان ڪجهه به تبديل ناهي ٿيندو. ميشا شفيع انڊسٽري جي دوستن تي تنقيد ڪندي چيو ته اهي ماڻهون منهنجا تمام سٺا دوست هئا اهي هاڻي ڇو لڪي ويا آهن، اهي ڇو نٿا ڪجهه ڳالهائين، ڇو چپ آهن؟ هن لکيو ته اهڙي وقت ۾ جن کي مان پنهنجو دوست مڃيو هو، گڏ ڪم ڪيو، کين سپورٽ ڪيو اهي سڀ گم ٿي ويا. ميشا شفيع چيو ته اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته مون سان گڏي اهي ماڻهون بيٺا آهن جن کي مان سڃاڻا به نٿي ۽ اها هڪ نئين تبديلي آهي، ساٿ ڏيڻ تي سدائين ٿورائتي رهنديس. ان کان سواءِ  ميشا شفيع اهڙن ٽوئٽر واهپيدارن کي پڻ تنقيد جو نشانو بڻايو جيڪي اهو سوال ڪري رهيا آهن ته توهان ڪا غير معمولي عورت ناهيو جو توهان کي ڪير هراسان ڪري ۽ توهان چپ رهو؟ توهان پهريان ڇو نه آواز اٿاريو ؟ ميشا شفيع چيو ته جيڪڏهن مان هڪ عورت ناهيان ته ڇا هراسان نٿي ٿي سگهان؟ وڃو هالي ووڊ جي لسٽ کي چيڪ ڪيو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهون هن خلاف آواز اٿاري رهيا آهن.  ياد رهي ته گذريل مهيني ميشا شفيع سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ علي ظفر تي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا جنسي هراسان ڪرڻ جا الزام هنيا هئا اهڙين الزام کي راڳي علي ظفر رد ڪري ڇڏيو هو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوبز ۾ ڪا زبردستي نه پر سڀ ڪجهه رضامندي سان ٿيندو آهي: شلپا شندي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا شلپا شندي بالي ووڊ ۾ پکڙيل ”مي ٽو“ مهم جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے