18 اتوار , نومبر 2018

پروگرام پينل انٽرويو|انسان دوست فڪر ۽ سنڌ

(ڪراچي رپورٽر) لکيڪ دانشور جڳديش آهوجا چيو ته سنڌ ۾ سماجي جمود جو ڪارڻ سياسي پارٽيون آهن.سنڌ جي سماج ۾ مجموعي طور ماٺار جو شڪار آهي،سماجي طور تي اسان جا اخلاقي قدر مڪمل طور ختم ٿي چڪا آهن. سنڌ جو معاشرو صنعتي دور ۾ تبديل نه ٿيڻ جي ڪري ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، ورهاڱي دوران سنڌي هندن جي لڏپلاڻ جي ڪري هڪ وڏو خال پيدا ٿيو ، سٺ جي ڏهاڪي ۾ هڪ نئون سنڌي مڊل ڪلاس پيدا ٿيو اهڙو اظهار ليکڪ دانشور جڳديش آهوجا عوامي آواز ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام پينل انٽرويو ۾ ڪيو، پروگرام ۾ پينل طور سينئر صحافي تصوير سنديلو،نوجوان ليکڪ ۽ صحافي آصف ٿيٻو ۽ سماجي ڪارڪن اسد ممتاز رڏ پڻ موجود هئا. ليکڪ ۽ دانشور جڳديش آهوجا پروگرام پينل انٽرويو ۾ ڳالهائيندي چيو ته ورهاڱي دوران سنڌي هندن جي لڏپلاڻ جي ڪري هڪ وڏو خال پيدا ٿيو ، سٺ جي ڏهاڪي ۾ هڪ نئون سنڌي مڊل ڪلاس پيدا ٿيو.ان ڪلاس چار مارچ واري جدوجهد ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.ستر جي ڏهاڪي ۾ ذوالفقار ڀٽي جي ڏنل نعري کي ڀرپور عوامي موٽ ملي.پر هن سنڌي ماڻهن کي زرعي سماج مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون نه ورتيون پر هن سنڌ کي 22 حصن ۾ ورهائي ڇڏيو.ان ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ سنڌين لاءِ دروازا کوليا.اسلامي سوشل ازم جي ڳالهه ڪرڻ ذوالفقار ڀٽي جي وڏي غلطي هئي. يورپ جو سماج زرعي معاشري مان تبديل ٿي صنعتي دور ۾ داخل ٿيو.جڏهن ته اسان جو معاشرو ارتقا جي مرحلي ۾ داخل نه ٿيڻ سبب ٻاهرين سرمائيداري امپورٽ ٿي رهي آهي.نوي جي ڏهاڪي ۾ سنڌي سماج ۾ ڪرپشن پيدا ٿيڻ جي ڪري سياسي تنظيمون به ڪرپشن جي ور چڙهي ويون.سويت يونين جي پڄاڻي کان پوءِ سرمائيدار قوتون سياست ۾ مايوسي جو عنصر پيدا ڪيو ويو.سنڌ ماضي ۾ سمورين تهذيبن جو مرڪز رهي آهي.هن چيو ته موجوده دنيا کي هڪ نئين انسان دوست سماج جي ضرورت آهي، جنهن ۾ برابري جي بنياد تي قومن کي حق حاصل هجن.سنڌ جي مسئلن جو حل قومي طبقاتي جدوجهد ۾ آهي.طبقاتي فرق جي ڪري غريبن جا ٻار سٺي تعليم کان محروم آهن. امر جليل جي اها ڳالهه درست آهي ته اسان پنهنجي اهليت وڃائي چڪا آهيون.سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار ڀٽي سنڌي ماڻهن کي فائدن سان گڏ نقصان به ڏنا.نوجوان نسل مان ئي نئين قيادت پيدا ٿيندي جيڪا نئين سنڌ جي تعمير ڪندي.سنڌ کي هڪ نئين سجاڳي واري تحريڪ جي ضرورت آهي.هاڻي دنيا جي عالمي سرمائيداري ۾ داخل ٿي چڪي آهي.وچ اوڀر سائوٿ ايشيا جي سياسي جاگرافي تبديل جي ايجنڊا تي ڪم ٿي رهيون آهن،جنهن جي ڪري روس چين ۽ هندستان جو نئون بلڪ جڙي رهيو آهي.نئين سرمائيڪاري ۾ به چين ۽ هندستان نئين سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن، سنڌ کي نئين عالمي منظر نامي ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي جنهن جي ڪري عالمي قوتون سنڌ کي نظر انداز نٿيون ڪري سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : گهارو: پرامن احتجاج دوران سندن  مٿان  ڪوڙي  ايف آئي آر ڪاٽي وئي: عمر ناهيون

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي اڳواڻ عمر ناهيو ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے