19 پیر , نومبر 2018

سٺي ننڊ ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي؟

How can you get a good sleep?لنڊن (ويب ڊيسڪ) ماهرن موجب ڪيترائي اهڙا ڪم آهن جيڪي اسان اڻ ڄاڻائي ۾ ڪندا ويندا آهيون، جن جو اسان کي احساس ناهي ٿيندو ته اهي اسان جي ننڊ کي ڪيتري حد تائين متاثر ڪندا آهن. ننڊ پوري نه ٿيڻ يا اسان جي جسم جو باڊي ڪلال متاثر ٿيڻ سان اسان ڊپريشن ۽ بائي پورڊس آرڊر جهڙين بيمارين جي لپيٽ ۾ اچي سگهون ٿا. انڪري بهترين ننڊ جي ضرورت کي سمجهڻ تمام گهڻو اهم آهي. موجودا دور ۾

شام جو روشني جي حد مقرر ڪيو

موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ جو استعمال نشي وانگر عام ٿي رهيو آهي.ڪيترائي ماڻهون ليپ ٽاپ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڊراما ۽ فلمون ڏسندا رهندا آهن پر انهن مان ٿورڙن ماڻهن کي اها ڄاڻ آهي ته ائين ڪرڻ سان اسان جي ننڊ تمام گهڻو متاثر ٿيندي آهي. اهي اليڪٽرڪ اوزار هڪ خاص طرح جي طاقتور نيلي روشني ڇڏيندا آهن، ان روشني جي سبب جسم ۾ ميلاٽونن هارمون صيحيح نموني ڪم ناهي ڪندو ، هي اهو هارمون آهي جيڪو ننڊ جي لاءِ ذميدار آهي. ان حوالي سان سري يونيورسٽي جي پروفيسر ميلڪم فون شانتز  جو مشهورو آهي ته سمهڻ کان ڏيڍ ڪلاڪ اڳ ۾ انهن اوزارن جو استعمال بند ڪيو وڃي. نيري روشني کانسواءِ شام جو گهر ۾م، خاص طور تي آرام واري ڪمري ۾ روشني جي ٻين ذريعا پڻ گهٽ ڪرڻ گهرجن. ائين ليمپ جي مدد سان ڪري سگهجي ٿو. آرام واري ڪمري ۾ اونداهه ڪرڻ جي لاءِ  ڪاري رنگ وارا پردا پڻ لڳائي سگهجن ٿا.

وقت جا پابند رهو

هفتي جي پڄاڻي کان اڳ واري رات جو دير تائين جاڳڻ تي دل گهڻو ئي چوندو آهي پر سٺي ننڊ برقرار رکڻ جي لاءِ وقت جون پابنديون ضروري آهن. هر روز هڪ ئي وقت ته سمهڻ مددگار ثابت ٿيندو آهي. روز آرام واري وقت جيتري گهڻي تبديلي ٿيندي صحت کي ايترو ئي نقصان پهچڻ جا خطرا موجود رهندا.

آرام وارو ڪمرو خوبصورت هجي

بستر جي چوڌاري ليپ ٽاپ ۽ چارجر کانسواءِ سامان وکريل هجڻ ڪيترن ئي ماڻهن جي لاءِ اها عام ڳالهه آهي پر جيڪڏهن اسان سٺي ننڊ ڪرڻ چاهيون ٿا ته اهو ڄاڻڻ تمام گهڻو ضروري آهي ته توهان جي آرام وارو ڪمرو جيترو خوبصورتي سان سنواريل هوندو ننڊ ايتري ئي سٺي ايندي. بهتر ائين ٿيندو ته فون، ليپ ٽاپ ۽ ٻين اليڪٽرانڪ وارو شيئون ٻئي ڪمري ۾ رکيو وڃن. فون ۾ الارم لڳائڻ بجائي الارم واري واچ خريد ڪئي وڃي. ڪمري ۾ ٿڌ جو ڪردار پڻ انتهائي اهم هوندو آهي، گرم جي مقابلي ۾ ٿڌي ماحول ۾ ننڊ جسم جي لاءِ تمام  گهڻو آسان ٿي ويندو.اسان جو جسم باڊي ڪلاڪ سج اڀرڻ کان کان لهڻ تائين واري وقت موجب ڪم ڪندو آهي پر اسان مان ڪيترائي ماڻهون صبح دير تائين ننڊ ڪرڻ سبب سج جي روشني جو پورو فائدو حاصل ناهن ڪري سگهندا. صبح جو گهر جا ٻوٽا کولڻ سان توهان سج جي وڌيڪ روشني حاصل ڪري سگهو ٿا . جيڪڏهن توهان صبح جو وقت ورزش ۾ لڳائڻ چاهيو. ائين ڪرڻ سان رات جو ننڊ سٺي ايندي آهي.

آرام کان اڳ ڪرڻ وارو ڪم

سمهڻ کان اڳ ڪرڻ وارا ڪم توهان هر روز ڪندا ڪيو، ته جيئن جسم کي اها ڄاڻ حاصل ٿئي ته هاڻ اهو آرام ڪرڻ جو وقت آهي. ڪتاب پڙهڻ، گيت ٻڌڻ، ڪجهه اهڙا ڪم آهن جيئن ئي توهان ڪرڻ شروع ڪندا آهيو ته جسم پاڻ مرادو ئي سمهڻ جي تياري ڪرڻ لڳندو آهي. اڪثر والدين پنهنجي ٻارڙن سان ائين ڪندا آهن، ڪيترائي والدين ٻارڙن کي سمهارڻ کان اڳ کير پياريندا آهن يا کين وينجهاريندا آهن، اڪثر ننڊ کان اڳ ڪهاڻيون به ٻڌائندا آهن. ائين هر روز ڪرڻ سان ٻارڙن جو جسم اهڙي عادت جو عادي ٿي ويندو آهي جسم اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي وٺندو آهي ته آرام ڪرڻ جو ڪهڙو وقت آهي.

ڪيفين کان پاسو ڪيو

توهان اهو پڻ محسوس ڪيو هوندو ته رات جو دير سان ڪافي پيئڻ ڪري ننڊ ناهي ايندي، ان جو سبب اهو آهي ته ڪافي ۾ موجود ڪيفين هوندا آهن. پر ڪيفين رڳو ڪافي ۾ ناهن هوندا پر چانهه ۽ ڪيترن ئي پئيڻ وارين ٿڌين شيئن ۾ پڻ هوندا آهن. شام جو پيتي ويندڙ چانهه يا ڪافي به توهان جي ننڊي کي متاثر ڪري سگهي ٿي، ڇو ته ان ڪيفين جو اثر اسان جي جسم تي 5 کان 9 ڪلاڪن تائين رهندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انساني نڪ ۾ بيڪٽريا کان بچائڻ وارو مڪمل نظام دريافت

ميسا چيوسيٽس(ويب ڊيسڪ)ماهرن نڪ ۾ جراثيم ۽ بيڪٽيريا سان وڙهڻ وارو هڪ اهڙو منظم نظام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے