17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز |ميرپورخاص: عورتن جو بجلي جي ڊگهي لوڊ شيڊنگ ۽ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ميرپورخاص ۾ عورتن  بجلي ڊگهي لوڊ شيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو.

کاڻ روڊ ، مهراڻ ڪالوني، گل ڪالوني، ڪاهو جو دڙو ۽ ٻين علائقن جي رهواسي عورتن ۽ ٻارن احتجاج ڪري لوڊ شيڊنگ ختم ڪرڻ ۽ پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو .

ان موقعي تي  احتجاج ڪندڙ عورتن ٻڌايو ته لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي .

هنن چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به هو پاڻي ۽ بجلي جي کوٽ سبب تڙپي رهيا آهن.

هنن چيو ته چونڊيل نمائندن توڙي ڪامورن ۽ ميونسپل انتظاميا سندن ڪا به سار نه لڌي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے