19 پیر , نومبر 2018

نيوز | ڊرٻ ميهر شاهه: 15 گهرن کي باهه، لکين رپين جو سامان سڙي خاڪ

Furnished 15 houses, millions of rupees worthwhile* ڊرٻ ميهر شاهه ويجهو 15 گهرن کي باهه لڳي وئي جنهن سبب لکين رپين جو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو.

ڳوٺ ھارون لوڊرو ۾اوچتو  باهه لڳڻ سبب ممتاز لوڊرو، گلشير، ڪرم علي، عبدالفتاح، منور علي، وزير علي لوڊرو سميت 15کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جا گهر سڙي ويا.

باھه وسائڻ لاءِ ڳوٺاڻن پير ڳوٺ جي فائر برگيد عملي کي اطلاع ڪيو پر عملو متاثر ڳوٺاڻن وٽ نه پھتو. ڳوٺاڻن تڪ جي اڳوڻي ايم پي اي سيد محمد بچل شاھه جيلاني کي اطلاع ڪيو جنھن ڊي سي خيرپور سان رابطو ڪري خيرپور مان فائر برگيڊ جون 5گاڏيون گهرايون.

فائر برگيڊ جون گاڏيون 2 ڪلاڪ دير پھچڻ سبب ڳوٺاڻن جون 12ٻڪريون، 4 رڍون ۽ 3 ڳئون سڙي ويون، جڏهن ته سوين مڻ ڪڻڪ سميت گهرن ۾پيل سمورو سامان سڙي ويو.

ٻئي پاسي اڳوڻي ايم پي اي سيد محمد بچل شاھه جيلاني واقعي واري هنڌ پهچي باهه سبب ٿيل نقصان جو جائزو ورتو.

ان موقعي سيد محمد بچل شاهه جيلاني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دل ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي.

هن چيو ته باھه سبب ٿيل نقصان جو جائزو ورتو آهي، باھه ۾سڙي ويل گھرن ۽ ٻي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو ويندو.

ان موقعي تي سيد محمد بچل شاھه جيلاني متاثرن جي مالي مدد پڻ ڪئي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے