21 بدھ , نومبر 2018

نيوز | ڳڙهي ياسين: بجلي جي تارن مان 12 گهرن کي باهه، عورت سڙي زخمي

Burning 12 Houses in the lightning of the fire, woman burned* ڳڙهي ياسين ويجهو بجلي جي تارن مان 12 گهرن کي باهه لڳڻ سبب عورت زخمي ٿي پئي، جڏهن ته لکين رپين جو سامان سڙي ويو.

ڳوٺ خدابخش ديناري ۾ بجلي جي 11 هزار وولٽيج جي تارن مان عبدالفتاح ديناري جي گهر کي باهه لڳي وئي.

پورهيت جي گهر کي لڳل باهه ڏسندي ئي ڏسندي 12 گهرن کي وڪوڙي وئي.

باهه لڳڻ سبب قائم الدين، نياز محمد، محمد عالم، علي گوهر، بابل، رحيم بخش ۽ لکمير سميت 12 گهرن سڙي ويا.

گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو جڏهن ته بابل جي گهر واري صائمان سڙي زخمي ٿي پئي ۽ هڪ گهر ۾ ٻڌل 5 ٻڪريون به سڙي مري ويون.

گهر کي باهه لڳڻ جي اطلاع تي ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور کان فائربرگيڊ عملي پهچي باهه وسائي.

باهه متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، متاثرن وس وارن کي واهر جي اپيل ڪئي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے