20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز | سن : آبپاشي عملدارن جي خاطري تي آبادگارن جو احتجاج ختم

* سن ۾آبپاشي عملدارن آبادگارن جي بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

ضلعي ڄامشوري جي ايڪسيئين مھيش ڪمار، ايس ڊي او ضمير حسين ڏيرو ۽ خالد قريشي آبادگارن جي بک هڙتالي ڪئمپ تي پهتا.

آبپاشي عملدارن آبادگارن کي مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي بک هڙتال ختم ڪرائي.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ايڪسيئن مھيش ڪمار چيو ته 15 ڏينھن اندر پڇڙي تائين پاڻي پھچايو ويندو.

هن چيو ته غيرقانوني نوليون  ۽ دڪا ھٽايا ويندا، درياھه کان اسڪيم تائين پاڻي پھچائڻ جي لاءِ نوان موٽر پڻ لڳايا ويندا.

عملدارن جي اهڙي خاطري بعد دعاگھري وئي ۽ احتجاجي تحريڪ کي 5 جون تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

آبادگارن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن 5 جون تائين مطالبا پورا نه ٿيا ته ٻيھر احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے