20 منگل , نومبر 2018

نيوز |اڏيرو لال : کوسا برادري جو نينگر تي تشدد خلاف احتجاج

The protest against the violence against the Nigerian Church* اڏيري لال ۾ کوسا برادري پاران نينگر تي تشدد ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ڳوٺ حاجي الله بخش کوسي جي رهواسين عبدالرشيد، غلام حيدر ۽ محمد اسماعيل کوسي سميت ٻين نينگر منظور تي تشدد خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن چيو ته سندن نينگر منظور کي جوابدارن ارباب، نواز ميرجت ۽ ٻين يرغمال بڻائي پيسا ڦري سخت تشدد ڪيو.

هنن چيو ته هنن نينگر تي تشدد ۽ پئسا ڦر ڪرڻ جي اين سي داخل ڪرائي آهي، پر پوليس مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران ٻين کي ٿاڻي تي وٺي آئي آهي.

هنن الزام هنيو ته پيسن عيوض پوليس جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي جوابدار کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مک جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪن

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے