15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪستان ۾ موبائيل ڪارڊ تي ٽيڪس ٻين ملڪ جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي: ايف بي آر جو سپريم ڪورٽ ۾ جواب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) موبائيل ڪارڊ ٽيڪسز تي فيڊل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. ايف بي آر موبائيل ڪارڊ تي هوش اڏائيندڙ ٽيڪس بابت جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ موبائيل فون جو استعمال ڪيترن ئي ملڪن کان سستو آهي، ملڪ ۾ موبائيل صارفن تي ٽيڪس جي شرح بنگلاديش، ملائيشيا، ترڪي، ٿائيلينڊ ۽ انڊونيشيا کان گهٽ آهي. ايف بي آر جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته موبائيل صارف کان وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ ماهوار 4 کان ساڍا 4 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي ويندي آهي جڏهن ته مالي سال 17-2016ع ۾ 51 ارب جي رقم وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ وصول ڪئي وئي. ايف بي آر موجوب موبائيل صارفن جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي ٽيڪس جي شرح ۾ گهڻي گهٽتائي ڪئي وئي، ٽيڪس جي شرح 14-2013ع ۾ 15 سيڪڙو هئي جڏهن ته 18-2017ع ۾ 12.5 سيڪڙو آهي. موبائيل ڪال تي فيڊل ايڪسائيز ڊيوٽي جي شرح کي گهٽ ڪري 17 سيڪڙو تي آندو ويو آهي. ايف بي آر طرفان گڏيل طور تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ سالياني 944 ارب رپيا گڏ ڪيا ويندا آهن جيڪو سڌو سنئون ٽيڪس ڪليڪشن جو 70 سيڪڙو آهي. سڌي سنئين ٽيڪس ڪليڪشن جي ذريعي مالي سال 17-2016ع ۾ 1393 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا. ايف بي آر ٻڌايو ته موبائيل صارفن کان وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ ڪٽوتي گڏيل ڪليڪشن جو 5.5 سيڪڙو آهي. ايڊوانس وڌ هولڊنگ ٽيڪس موبائيل صارف جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪيو ويندو آهي ۽ موبائيل صارف مالي سال جي گوشوارن ۾ ايڊوانس وڌ هولڊنگ ٽيڪس ريفنڊ ڪرائي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني لانڊرنگ ڪيس: انور مجيد ۽ حسين لوائي جي وڌيڪ رمانڊ تي فيصلو محفوظ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي انور مجيد، حسين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے