15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪستان جو تڪراري ”ڪشن گنگا ڊيم“ تي عالمي بينڪ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو

The decision to contact the World Bank on Pakistan's "Kishang Gangma Dam"اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ تڪراري ڪشن گنگا ڊيم جي خلاف پاڪستان عالمي بينڪ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته عالمي بينڪ جي صدر آڏو سنڌ طاس معاهدي، ڪشن گنگا ۽ رتلي سميت ٻين ڀارتي منصوبن وارو معاملو اٿارينداسين.اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان جي طرفان تڪراري ڊيم تي ڀارت کي ڪيتريون ئي تجويزون ڏنيون ويون پر پاڙيسڙي ملڪ هڪ طرفي طور تي منصوبن تي ڪم جاري رکيو جڏهن تي ڀارت کي ٻڌايو ته ڊيم جو ڊيزائن تبديل ڪيو جنهن بعد سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي.پاڪستاني سفير چيو ته معاهدي جي حفاظ جي لاءِ عالمي بينڪ جي صدر سان ڳالهيون ڪنداسين، ۽ کيس ٻڌائينداسين ته ڀارت طرفان معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ غلط ڳالهه هوندي.ياد رهي ته پاڪستان جي سخت احتجاج ۽ اعتراضن باوجود ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي گذريل ڏينهن تڪراري ڪشن گنگا هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جو افتتاح ڪيو هو. نريندر مودي جي آمد خلاف والاريل ڪشمير ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو  ۽ وادي ۾ هڙتال ڪئي وئي جڏهن ته شهرين هوا ۾ ڪارا ڦوڪڻا ڇڏي پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو .پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته آمريڪي سفارتخاني جي والاريل بيت المقدس متنقلي تي پاڪستان کي تحفظات آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے