17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪراچي جي ڪيترين ئي علائقن ۾ سحري واري وقت بجلي گم، شهري پريشان

In the areas of Karachi, Suhri Time is electricity, electricityڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ۾ بجلي جي فراهم ڪندڙ اداري ڪي اليڪٽرڪ جي دعويٰ باوجود شهر ۾ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان طرفان چيو ويو آهي ته بن قاسم پاور پلانٽ جو مرمتي ڪم 20 مئي تائين مڪمل ٿي ويندو جنهن بعد بجلي جي فراهمي ۾ بهتري اچڻ جي اميد آهي. اڄ 20 مئي هئڻ باوجود ته بجلي جي فراهمي ممڪن نه بڻجي سگهي.شهر جي مختلف علائقن شير شاهه، بلوچ پاڙو، نارٿ ڪراچي، ڪورنگي پي اينڊ ٽي ڪالوني ۽ گلستان جوهر بلاڪ 13سحري واري وقت ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ برقرار رهي جنهن سبب شهرين اونداهي ۾ سحري ڪئي. بجلي جي اڻ اعلانيل ۽ لوڊ شيڊنگ سبب شهر ۾ پاڻي جو بحران پڻ شدت اختيار ڪري ويو آهي آهي. پاڻي نه هئڻ جي خلاف نارٿ ناظم آباد، ڊي ايس سي آفيس جي ٻاهران شهرين احتجاج ڪيو ۽ انتظاميا جي خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اورنج لائن ٽرين منصوبو: 10 ڏينهن ۾ پئسن جي ادائيگي جو فيصلو ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي: چيف جسٽس

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار اورنج لائن ٽرين سميت ميگا منصوبن بابت پاڻمرادي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے