13 منگل , نومبر 2018

ٽيڪساس اسڪول فائرنگ، پاڪستاني شاگردياڻي جي جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي

The Pakistani student's funeral prayer will be played todayٽيڪساس(ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽيسڪاس جي شهر سانتافي جي هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل 17 ورهين جي پاڪستاني شاگردياني سبيڪا شيخ جي جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي. ذهين پاڪستاني شاگردياڻي جي جنازي نماز شگر لينڊ شهر جي مسجد صابرين ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد سڀاڻي تائين مڙهه پاڪستان آڻڻ جا امڪان آهن.پاڪستان قونصل جنرل عائشه فاروقي پڻ تصديق ڪئي آهي ته ضروري ڪاروائي بعد سبيڪا شيخ جو مڙهه سومر تي پاڪستان روانو ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن ٽيڪساس جي شهر سانتافي جي هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 شاگرد ۽ هڪ استاد سميت 10 ڄڻا فوت جڏهن ته 10 زخمي ٿي پيا هئا. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو پڻ سبيڪا جي موت تي ڏک جو اظهار ڪيو جڏهن ته آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ سندس چوڻ هو ته سبيڪا شيخ پرڏيهي کاتي جي مددگار پروگرام جي تحت ٽيسڪاس ۾ تعليم پرائي رهي هئي ۽ ان پروگرام جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ آهي. آمريڪي ميڊيا موجب سبيڪا سميت 10 ڄڻن جي قاتل دميتري پارگورٽسز کي کي شاهدين ۽ اعترافن هئڻ باوجود موت جي سزا ناهي ڏني وئي. ميڊيا جي رپوٽن موجب ٽيسڪاس ۾ قتل جو ڏوهه ڪندڙ 17 ورهين جي جوابدار کي پڻ بالغ تسليم ڪيو ويندو آهي  پر 2005 جي وفاقي قانون تحت دميتري کي موت جي سزا نٿي ڏئي سگهجي. اختيارين هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ ڪندڙ جوابدار دميتري بابت چيو آهي ته جوابدار ڪلاس ۾ داخل ٿي اول ”سرپرائز“ چيو ۽ ان بعد فائرنگ شروع ڪري ڏني. جڏهن ته جوابدار پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪرڻ کان اڳ 15 منٽ تائين مزاحمت ڪندو رهيو.گذريل 8 ڏينهن دوران ڪنهن به آمريڪي اسڪول ۾ فائرنگ جو اهو ٽيون واقعو آهي، جڏهن ته هلندڙ سال اهڙا 22 واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن. آمريڪي صدر جي استادن کي هٿيارن کان ليس ڪرڻ جي تجويز جي سخت مخالفت ڪئي. فيبروري ۾ فلوريڊا رياست جي ڪائونٽي پارڪ لينڊ ۾قائم هاءِ اسڪول ۾ اڳوڻي شاگرد جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا. گذريل سال نومبر ۾ ڪيليفورنيا جي هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے