19 پیر , نومبر 2018

ادڪارا ميرا جي آمريڪا شفٽ ٿيڻ واري ڳالهه ڪوڙ نڪتي

The United States Shifting Point of Truthلاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ميرا جو نئون ڪوڙ پڪڙجي پيو اداڪارا ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا کي ٻڌايو هو ته هو آمريڪا منتقل ٿي وئي آهي جنهن بعد ميرا سوشل ميڊيا تي پڻ اهڙو تاثر ڏنو هو ته هو آمريڪا پهچي چڪي آهي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ميرا هن وقت تائين آمريڪا منتقل ئي ناهي ٿي نه سندس اهڙو ڪو ارادو آهي جڏهن ته هو هن وقت به پاڪستان ۾ رهائش هيٺ آهي.ميڊيا جي رپورٽن موجب پاڪستاني اداڪارا ميرا ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي جو دورو ڪري پاڪستان واپس آئي هئي ۽ هن اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد هو لاهور ۾ ئي ترسيل آهي، ياد رهي ته ميرا هڪ هفتو اڳ لاهور ۾ ڊائريڪٽر ثاقب ملڪ جي فلم ”باجي“ جي عڪسبندي پڻ ڪرائي هئي جنهن هو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، شوبز  ذميوار حلقن جو چوڻ آهي ته ميرا کي خبرن ۾ رهڻ لاءِ ڪو نه جو نئون طريقو اختيار ڪندي رهندي آهي، هاڻ هن آمريڪا شفٽ ٿيڻ جو شوشو ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Congratulations! Neha Dhupia And Angad Bedi Welcome Baby Girl

ڀارتي اداڪارا نيها ڌوپيا ماءُ بڻجي وئي

ممبئي (شوبز نيوز ) ڀارتي اداڪارا نيها ڌوپيا ماءُ بڻجي وئي ۽ سندس گهر ڌيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے