14 بدھ , نومبر 2018

سامارو: منافعي خورن جون  ايماندار واپارين کي ڌمڪيون

Samaaro: Profit the family-friendly merchantsسامارو(ويب ڊيسڪ) سامارو جي منافعي خور  واپارين جي ڏاڍ مُڙسي ، سستي  مُلهه تي ميوا وڪرو ڪندڙ ايماندار واپارين کي  منافعي خورن پاران ڌمڪيون ڏنيون ويون رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ واپاري ۽ فروٽ  مَنڊين جا مالڪ  ميوا ٻيڻ تي مهانگا وڪرو ڪري رهيا آهن ٻئي طرف شاه لطيف چوڪ تي لالو باگڙي ۽ چانو باگڙي  پاران لڳايل  سستي  اگھه تي ميوا وڪرو ڪيا پيا وڃن سستي اگهه تي ميوا وڪرو ڪرڻ تي واپارين ڪاهه ڪري لالو ۽ چانو کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون  ان موقعي تي فيصل قائمخاني، علي شير قائمخاني ۽ ٻين چيو ته لالو ۽ چانو سستي ملهه تي ميوا وڪرو ڪري کين نقصان پهچائي رهيا آهن.ٻئي طرف شهرين محمد عظيم خاصخيلي،  روشن علي بھراڻي،  عزت علي خاصخيلي ۽ ٻين ايماندار واپارين جي دڪان تي چڙهائي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو .هنن آءَ جي سنڌ کي  اپيل ڪئي ته ايماندار واپارين کي تحفظ ڏئي منافعي خور واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ڪوهيڙوڇانيل، مٿانهن علائقن ۾ برسات ۽ برفباري

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ڪوهيڙو ڇانيل آهي جنهن سبب ٿڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے