20 منگل , نومبر 2018

لاڙڪاڻو: مبينا طور  ناري آپگهات ڪري ڇڏيو

Larkana: Abhishek Nari as an instrumentلاڙڪاڻو(ويب ڊيسڪ)لاڙڪاڻي ۾ گهر وارن کان ناراض ٿي ناري زهريلي دوا واپرائي آپگهات ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وارثن پاران ڊاڪٽرن تي لاپرواهي جو الزام لڳايو ويو آهي.،مبينا طور آپگهات ڪندڙ ناري جي وارثن  بيبي ناز، آصف علي، اعظم علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .ان موقعي تي عورت جي وارثن ٻڌايو ته جنت چانڊيو زهريلي دوا کاڌي هئي کيس اسپتال آندو ويو پر ڊاڪٽرن وقت سر علاج نه ڪيو .فوتي ناري جي وارثن ٻڌايو ته زھر واش ڪرڻ لاءِ دوائون ۽ ٻيو سامان ٻاهران گهرايو ويو.هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: Police and Rangers arrested 11 suspected militants in different areas

ڪراچي: مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز جون گڏيل ڪارروائيون، 11 شڪي گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس رينجرز گڏيل آپريشن ڪري 11 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے