18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ڇاڇرو:شهرين ۽ پورهيتن جو ٽائون انتظاميا خلاف احتجاج

Chachro: Town of citizens and workers protest against management*ڇاڇري ۾  غريب رهواسين ۽ شهر ۾ آرو پلانٽ جو پاڻي گهرن تائين گڏهه گاڏين ذريعي پهچائيندڙ مزدورن گڏهه گاڏيون بيهاري ڇاڇرو عمرڪوٽ روڊ بلاڪ ڪري ٽائون انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي نواب سميجو، مشتاق بجير، سبحان، رزاق، ھمير ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٽائون انتظاميا شهر ۾ پيئڻ جوپاڻي صرف اميرن ۽ واپارين کي فراهم ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته شهر جا غريب رهواسي سالن کان پيئڻ جو مٺو پاڻي پئسن عيوض خريد ڪري استعمال ڪن ٿا.

 هنن چيو ته  ٽائون جي فائر برگيڊ گاڏي سڄو ڏينهن آر او پلانٽ تان مٺو پاڻي ڀري وڏيرن جي گهرن تائين پهچائي ٿي پر غريب رهواسين لاءِ آر او پلانٽ تي پاڻي بند ڪيو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته کين پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے