21 بدھ , نومبر 2018

بنگلاديش افغانستان خلاف 3 ٽي 20 ميچن جي سريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Bangladesh announced a 15-day squad for the series of 3 T20 matches against Afghanistanڍاڪا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ افغانستان خلاف ٽن ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. افغانستان خلاف ٽي 20 سريز لاءِ بنگلاديشي ٽيم جي قيادت آل رائونڊر شڪيب الحسن ڪندو جڏهن ته نائب ڪپتان جو ذميواريون محمود الله جي حوالي ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ گهڻي قدر سينيئر رانديگرن ئي ٽيم اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي. بي سي بي طرفان اعلانيل اسڪواڊ ۾ شڪيب الحسن ڪپتان، ٻين رانديگرن ۾ تميم اقبال، لٽن داس، سوميا سرڪار، مشفيق الرحيم، صابر رحمان، مصدق حسين، مستفيض الرحمان، روبيل حسين، مهدي حسن مرزا، عارف الحق، ناظم الاسلام، ابوحيدر ۽ بوجيد شامل آهن. آءِ سي سي ٽي 20 رينڪنگ ۾ بنگلاديش 10 هين جڏهن ته افغانستان 8 هين نمبر تي موجود آهن، افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم 14 جون تي پنهنجي ڪرڪيٽ تاريخ جي پهرين ٽيسٽ ميچ پڻ کيڏندي، ۽ سندس مقابلو ڀارت سان ٿيندو، ٽن ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سريز جو پهرين ميچ 3 جون تي کيڏي ويندي ٻي 5  جڏهن ته ٽيئن ۽ آخري  ميچ 7 جون تي کيڏي ويندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ: شروعاتي 10 بهترين بيٽسمينن ۾ هڪ به پاڪستاني شامل نه

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ رينڪنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے