18 اتوار , نومبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس: نواز شريف بيان قلبند ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي جاري، ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺيءَ ڪيپٽن ريٽائرڊ محمد صفدر بيان ريڪارڊ ڪرائيندا. احتساب عدالت جو جج محمد بشير شريف خاندان جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. احتساب عدالت ٽنهي جوابدارن کان 127 سوالن تي ٻڌل سوال نامي جا جواب طلب ڪيا آهن. ڄاڻايل ڪيس جي 18 مئي تي ٿيندڙ گذريل ٻڌڻي تي صفائي واري وڪيل خواجه حارث جوبدارن کي ڏنل سوال نامي اعتراض واريا هئا. جنهن تي عدالت آخري موقعو ڏيندي چيو هو ته 21 مئي تي جوابدارن جا بيان قلبند ڪيا ويندا. ياد رهي ته پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه واجدضياءَ شريف خاندان جي خلاف ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نيب جو شاهد هو ۽ هو پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرائي چڪو آهي. ٻئي پاسي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي خلاف العزيزيه اسٽيل ريفرنس ۾ وڪيل خواجه حارث جي، جي آءِ ٽي  سربراهه واجد ضياءَ تي جرح جاري آهي، جنهن جي ايندڙ ٻڌڻي اڱاري ڏينهن 22 مئي تي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالف ڌر چاهي ٿي ته اين آر او ملي وڃي پر عمران خان نه ڏيندو: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے