20 منگل , نومبر 2018

ٽيڪساس اسڪول فائرنگ وارو واقعو: پاڪستاني شاگردياڻي سبيڪا جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

Texas school shootout: Pakistani student Subika's funeral prayer was playedهوسٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي هاءِ اسڪول ۾ ساٿي شاگرد جي فائرنگ ۾ مارجي ويل پاڪستاني شاگردياڻي سبيڪا عزيز شيخ جي جنازي نماز هوسٽن ۾ ادا ڪئي وئي . سبيڪا شيخ جي جنازي نماز هوسٽن جي علائقي شوگر لينڊ جي مسجد صابرين ۾ ظهر واري نماز بعد ادا ڪئي وئي.  جنهن پاڪستاني ڪميونٽي ۽ مقامي اختيارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  هوسٽن-ڪراچي سسٽر سٽي جي صدر سعيد شيخ پڻ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي ته دعائيه تقريب ۾ ميئر هوسٽن سلويسٽر ٽنر، ڪانگريس آل گرين جي ميمبر، ٽيڪساس مان چونڊيل ڪانگريس ميمبر شيلا جيڪسن، پاڪستاني قونصل جنرل عائشه فاروقي سميت عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سبيڪا جي جنازي نماز جي موقعي تي مسجد حمزه جي سامهون گن ڪنٽرول جي خلاف مظاهرو پڻ ڪيو ويو. ان موقعي ته ميئر هوسٽن پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ چيو ته سبيڪا هڪ شيخ فيملي سان واسطو رکندڙ شاگردياڻي هئي، پر اها اسان جي به ڌيئرن جيان هئي. بلڪل اهڙن ٻارڙن جيان هئي جيڪي هن واقعي جو شڪار ٿيا. هن جنازي نماز تي شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي پاڪستاني قونصل جنرل عائشه فاروقي جو ٿورا مڃيا . آمريڪا ۾ سبيڪا شيخ، جيسن ڪوگ برن ۽ جولين ڪوگ برن جي گهر ۾ ترسيل هئي، انهن پڻ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي ته ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستاني قونصل جنرل عائشه فاورقي چيو ته سبيڪا جو مڙهه اڱاري ڏينهن صبح ڪراچي پهچندو ۽ ان سلسلي ۾ سمورا خرچ پاڪستان قونصل خانو ادا ڪري رهيو آهي، مڙهه سان گڏ سبيڪا جي سئوٽ شهيرا به گڏ هوندي.سبيڪا جو مڙهه نجي ايئرلائن جي ذريعي پاڪستان آندو ويندو، جڏهن ته موسم خراب هئڻ سبب اُڏام 2 ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي وئي. فوت ٿيلن شاگردياڻي جي سئوٽ شهيرا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سبيڪا جي امڙ شديد صدمي ۾ آهي، اسان شايد ان صدمي مان سموري حياتي ٻاهر نه نڪري سگهون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جي آءِ ٽي جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ايس پي طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے