20 منگل , نومبر 2018

پي آءِ اي طرفان شاهي جوڙي کي پاڪستان جي اترين علائقن جي سير جي دعوت

Inviting the royal shore by the PIA to the scenes of the areas of Pakistanاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) برطانوي شهزادي هيري ۽ آمريڪي اداڪارا ميگهن مارڪل جي 19 مئي تي ٿيندڙ شاديءَ تي هر ڪنهن خوشيءَ جو اظهار ڪيو، پر پاڪستان جي قومي ايئرلائن هڪ قدم اڳتي وڌندي شاهي جوڙي کي اترين علائقن جي سير ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي. پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن(پي آءِ اي) پنهنجي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تان شهزادي هيري جي امڙ ليڊي ڊيانا جي هڪ يادگار تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اسان شاهي شادي ڏٺي ۽ ڊيانا ۽ سندس اترين علائقن ۾ ڪيل دورن کي ياد ڪيو ۽ سوچو ته اها پڻ خوشي جي ڳالهه هوندي ته تازو شادي ڪندڙ جوڙو پڻ اسان جي اترين علائقن جي خوبصورتي ڏسي. ٽوئٽ ۾ شهزادي هيري ۽ اداڪارا ميگهن مارڪل کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ لکيو ته اسان بلڪل تيار آهيون، توهان رڳو اسان کي اهو ٻڌايو ته توهان ڪڏهن اسان جا مهمان ٿي رهيا آهيون. پي آءِ اي اختيارين جي ٽوئٽ کان ڪجهه دير بعد ماڻهن ان تي تبصرا ڪرڻ پڻ شروع ڪيا. ڪنهن قومي ايئر لائن جي ان پيشڪش کي ساراهيو ته ابتو پي آءِ اي تي تنقيد ڪندي چيو ته اڳ ۾ ملڪي ماڻهن کي ته وقت سر سندن منزل تي پهچايو، پوءِ شاهي جوڙي کي دعوت ڏئي گهرايو وڃي. پر جيترا منهن ايتريون ئي ڳالهيون پر واقعي پي آءِ اي جي پيشڪش وارو فيصلو ايترو خراب به ناهي، شهزادي هيري ۽ ميگهن مارڪل هني مون تي ڪيڏانهن ويندا؟ ان حوالي سان اڃان تائين حتمي طور تي ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته شاهي جوڙو هني مون لاءِ ڪهڙي ملڪ جي چونڊ ڪري ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے