21 بدھ , نومبر 2018

اماراتي حڪومت سيڙپڪارن ۽ پروفيشنلن لاءِ 10 سالن تائين رهائشي ويزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

The governmental government has approved residual visas for 10 years for investors and professorsدبئي(ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب عمارتن(يو اي ايِ) سيڙپڪاري ۽ مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ ماڻهن ۽ سندن خاندان جي لاءِ 10 سالن جي رهائشي ويزا جي منظوري ڏئي ڇڏي. گڏيل عرب امارتن جي وزير اعظم ۽ نائب صدر شيخ محمد بن راشد المتڪم جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اجلاس دوران نئي ويزا پاليسي جي منظوري ڏئي وئي.نيئن پاليسي تحت ملڪ ۾ سيڙپڪارن، ڊاڪٽرن، انجينيئرن، سائنسدانن ۽ تحقيقدانن سميت مختلف شعبن ۾ مهارت رکندڙ ماڻهن جي لاءِ 10 سالن جي رهائشي ويزا جاري ڪئي ويندي. امارتي حڪومت ان فيصلي جي روشني ۾ سيڙپڪار پنهنجي ڪمپني جا 100 سيڪڙو پاڻ مالڪ هوندا، جڏهن ته ان کان اڳ سيڙپڪارن کي يو اي ايِ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي صورت ۾ 49 سيڪڙو حق ملڪيت ملندو هو. ڪيل فيصلي سان گڏيل عرب امارتن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ غيرملڪي شاگردن کي 5 ورهين تائين رهائشي ويزا پڻ جاري ڪيو ويندو.غيرمعمولي صلاحيتن جي مالڪ شاگردن جي لاءِ 10 ورهين تائين رهائشي ويزا جاري ڪئي ويندي. گڏيل عرب امارتن جي نائب صدر لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته هلندڙ سال جي پڄاڻي تي ڪابينا جي فيصلن تي عملدرآ۾د ڪيو وڃي. شيخ محمد بن راشد المڪتوم پنهنجي ٽوئٽر بيان ۾ چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن سدائين سيڙپڪارن ۽ جدت پسند ماڻهن کي ڀيلڪار ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب خاشقجي جي قتل بابت سي آءِ اي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي بابت سي آءِ اي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے