19 پیر , نومبر 2018

ايٽمي معاهدي لاءِ يورپي يونين جي حمايت ناڪافي آهي:ايران

European Union Support Failure for the Atmospheric Treaty is: Iranتهران/واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزيرمحمد جواد ظريف يورپي يونين جي توانائي جي شعبي جي سربراهه ميگوئل ارياس ڪانتي سان گڏ ملاقات ڪرڻ بعد چيو آهي ته ايراني جوهري معاهدو برقرار رکڻ لاءِ يورپي يونين جي حمايت ناڪافي نظر پئي اچي. ايراني اختيارين سان گڏ 2 ڏينهن تائين جاري ملاقاتن بعد يورپي يونين جي اعليٰ اهلڪار ميگوئل ارياس ڪانتي اوڀر وارن صحافين کي ٻڌايو ته يونين ان معاهدي کي پورو تحفظ ڏيڻ تي ڪاربند رهندي، ۽ ڪنهن نئين معاهدي تي ڳالهيون شروع نه ڪيون وينديون، آمريڪي صدر ڊولنڊ ٽرمپ هلندڙ مهيني جي 8 هين تاريخ تي يورپي اڳواڻن جي اپيلن کي نظرانداز ڪندي ايراني جوهري معاهدي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو . ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو چيو آهي ته ايران کي ٻيهر ڳالهين واري ٽيبل آڻڻ لاءِ وسيع ڪوششن جي ضرورت آهي، مائيڪ پومپيو ايران جي موضوع تي اتحادي ملڪن کي هڪ نئين معاهدي تي راضي ڪرڻ لاءِ پاليسي بيان اڄ ڏيندو.  آمريڪا چيو آهي ته ايراني جوهري معاهدو تهران حڪومت جي ميزائل پروگرام تي قدغن نه لڳائي ها، انڪري ان سلسلي ۾ نئين معاهدي جي ضرورت آهي، جرمني، فرانس، برطانيا جي سفيرن سينيئر يورپي ڊپلوميٽ هيلگا سڪمڊ جي اڳواڻي ۾ ايندڙ هفتي ويانا ۾ هڪ اجلاس منعقد ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ روس ۽ چين پڻ شرڪت ڪندا.  اجلاس ۾ ايران سان 2015 جهڙي هڪ نئين معاهدي تي ڳالهيون ڪيون وينديون، ٽرمپ طرفان ايران تي نئين پابندين جي لاڳو ڪرڻ واري اعلان  بعد ايران ۾ ڪم ڪندڙ 8 وڏين يورپي ڪمپنين پابندي کان بچڻ لاءِ واپسي جي راهه ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …