18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: لاڙڪاڻو: پوليس جي مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري جي مارجڻ ۽ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

Larkana: The murder of police in the allegedly contested contest, claims to kill the criminals and arrest two people* لاڙڪاڻي ويجهو پوليس مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري جي مارجڻ ۽ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

باقراڻي ٿاڻي جي پوليس مبينا مقابلي ۾  خالد ابڙو کي ڏوهاري ڄاڻائي مارڻ ۽ ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي.

پوليس موجب گذريل رات ڪجھه نوجوانن کان ڦر ڪئي وئي هئي، پوليس پيرا کڻي هڪ هنڌ پهتي ته ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ خالد ابڙو مارجي ويو ۽ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي  وارثن جو چوڻ آهي ته خالد ابڙو خلاف ڪيس داخل هئا، جن ۾ سندس ضمانت ٿيل هئي.

 هنن الزام هنيو ته پوليس صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي چوڻ تي هنن جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو آهي.

 هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | ڊگهڙي: پوليس جو منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون، هزارين لٽر ڪچو شراب هٿ

ڊگهڙي ۾ پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران هزارين لٽر ڪچو شراب هٿ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے