15 جمعرات , نومبر 2018

شهزادي هيري ۽ اداڪارا ميگهن جي شادي، رشي ڪپور جو دلچسپ ڊب ميش

The fascinating hero of the Princess Harry and the starring Maggie's wedding, Rashi Kapoorممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي ليجنڊ اداڪار رشي ڪپور اداڪاري بعد يا ته پنهنجي ڪاوڙ سبب سڃاتو ويندو آهي يا وري ٻين مٿان تنقيد ڪرڻ جي حوالي سان شهرت رکندو آهي، جڏهن هاڻ ادڪار هڪ دلچسپ انداز ۾ برطانوي شهزادي هيري ۽ اداڪارا ميگهن مارڪل جي شادي بابت دلچسپ ڊي ميش شيئر ڪئي آهي، جيڪا تمام گهڻو وائرل ٿي رهي آهي. برطانوي شهزادي هيري ۽ اداڪارا ميگهن مارڪل 2 ڏينهن اڳ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا هئا جڏهن ته وقت تائين دنيا ۾ سندن شادي جا چرچا آهن، سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي بالي ووڊ اداڪار رشي ڪپور ٻنهي جي شاديءَ جي حوالي سان هڪ دلچسپ ڊب ميش شيئر ڪئي آهي جنهن کي ڏسڻ سان هر ڪوئي کلڻ تي مجبور ٿيو وڃي. اداڪار فلم”جس ديس ۾ گنگا بهتي هي“ ۾ اداڪار راج ڪپور جو ڊائيلاگ استعمال ڪندي ڊپ ميش ويڊيو کي دلچسپ بڻايو آهي، ويڊيو سوشل ميڊيا ته تمام گهڻي وائرل ٿي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستقبل جي ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي: سارا خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے