14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: مٽياري: باهه لڳڻ ڪري 40 گهر سڙي رک، 2 ڄڻا زخمي، 90 ڍور سڙي مري ويا

Matiari: Keeping home burnt 40 houses, 2 injured, 90 others diedمٽياري ڀرسان  ڳوٺ ۾ اوچتو باهه باهه لڳڻ سبب ٻه ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا.

ڳوٺ دودو منگواڻو ۾ انور، مجنو ۽ نور محمد سميت 40 ڄڻن جي گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ شبير ۽ بشير منگواڻو سڙي زخمي ٿي پيا ۽  چوپايو مال،  اناج ۽ ٻي سامان سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

باهه لڳڻ سبب ڳوٺاڻن رڳو پنهنجون حياتيون بچائي نڪتا، اطلاع تي فائربرگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آندو.

باهه متاثرن جو چوڻ هو ته باهه لڳڻ سبب مينهن، ڳئوئن ۽ ٻڪرين سميت 90 ڍور سڙي خاڪ ٿي ويا آهن.

هنن ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته سندن الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي ويو آهي، سندن واهر ڪري.

هوڏانهن باهه واقعي بعد ايس ايس پي مٽياري رسول بخش سيال پهچي باهه متاثرن کان حال احوال ورتا.

ٻي پاسي باهه متاثرن ڏانهن ڪو به چونڊيل نمائندو  کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے