13 منگل , نومبر 2018

باليووڊ بيبو جو ڪنگ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار

Do not refuse to work with the  with the Kung khan:Karina Kapoor Khanممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ بيبو ڪرينا ڪپور باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان گڏ فلم”سلوٽ“ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب فلمساز”سلوٽ“ ۾ شاهه رخ خان سان گڏ مُک ڪردار لاءِ اداڪارا ڪرينا ڪپور کي ڪاسٽ ڪرڻ جي باري ۾ سوچي رهيو هو ، پر ڪرينا ڪپور ڪنگ خان سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائيندي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ڪرينا ڪپور جو شاهه رخ خان سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جي حوالي سان چيو ته هو هاڻي ڪجهه مختلف ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن هاڻ فلمن جي حوالي سان سندس سوچ ۽ ريوي ۾ پڻ تبديلي آئي آهي،  ۽ ذهني طور تي تيار نه هئڻ ڪري وڏي بجيٽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪنديس. ۽ اهو ممڪن آهي ته فلم”سلوٽ“ ۾ شاهه رخ خان سان گڏ پڻ ڪم نه ڪيان. رپورٽن موجب ڪرينا ڪپور خان جي انڪار بعد فلمساز”سلوٽ“ ۾ شاهه رخ خان سان مرڪزي ڪردار لاءِ ايشوريا راءِ يا دپيڪا پڊڪون جي نالن جي غور ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته فلم”سلوٽ“ ڀارتي خلاباز جي حياتي تي ٻڌل ڪهاڻي آهي  جنهن جي شوٽنگ شاهه رخ خان جي فلم”زيرو“ کانپوءِ شروع ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف علي خان جي ڌيءُ رنڀير ڪپور سان شادي جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءُ  سارا علي خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے