18 جمعرات , اکتوبر 2018

غير منصفاڻي لوڊشيڊنگ: سي اي او ڪي اليڪٽرڪ کي توهين عدالت نوٽيس  جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست تي سي اي او ڪي اليڪٽرڪ طيب ترين ۽ نيپرا چيئرمين طارق سدوزئي سميت ٻين اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي پيداوار نه وڌائڻ ۽ غير منصفاڻي لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي سي اي او ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ڪرامت علي نالي شهري طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 2015ع تي هيٽ اسٽروڪ کانپوءِ درجا بندي جي لوڊشيڊنگ کي غير منصفاڻو قرار ڏيندي ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ جو حڪم ڏنو هو پر بن قاسم پاور اسٽيشن جي خرابي مان ثابت ٿيو ته ڪي اليڪٽرڪ پيداواري صلاحيت ۾ اضافو نه ڪيو آهي تنهن ڪري ڪي اليڪٽرڪ ۽ نيب اختيارين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت نيپرا چيئرمين، وائس چيئرمين ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او کانسواءِ چيف آپريٽنگ آفيسر ڊسٽري بيوشن، هيڊ آف ڊسٽري بيوشن ڪي اليڪٽرڪ کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسد دراني جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي جي ايڇ ڪيو کان رپورٽ طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے