18 اتوار , نومبر 2018

مسجدن تي حملن جي منصوباندي ڪرڻ جي الزام ۾ فرانسيسي شهري کي 6 ورهيه قيد

French citizen for six years imprisonment for planning to attack Massacreڪيف(ويب ڊيسڪ) يوڪرائن جي عدالت فرانسيسي شهري کي مسجدن تي حملن جي منصوباندي ڪرڻ جي الزام ۾ 6 ورهيه قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪرائن جي سيڪيورٽي فورسز گريگوري ايم نالي فرانسيسي شهري کي 20165 ۾ پولينڊ جي سرحد سان لڳاپيل علائقي مان گرفتار ڪيو ويو هو. گرفتاري وقت گريگوري ايم جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا هئا. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران يوڪرائن جي ڳُجهي ايجنسي ايس بي يو موقف اختيار ڪيو ته گريگوري جو واسطو انتها پسند عيسائي نظريا رکندڙ گروپ سان آهي، ۽ هو 2016 ۾ فرانس ۾ کيڏي ويندڙ يورپي فٽبال چيپيئن شپ دوران مسجدن ۽ يهودي عبادت گاهن تي گهٽ ۾ گهٽ 15 حملا ڪرڻ چاهي پيو. عدالت دليل ٻڌڻ بعد جوابدار کي 6 ورهين تائين قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے