18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيب چيئرمين جي طلبي، قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٻيهر ملتوي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو آهي. نيب چيئرمين جاويد اقبال کي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ پيش ٿيڻو هو پر اجلاس چيئرمين چوڌري اشرف کي دل جو دورو پوڻ سبب ملتوي ڪيو ويو آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ نيب چيئرمين جاويد اقبال کي نواز شريف تي 4 ارب 90 ڪروڙ ڊالر ڀارت موڪلڻ جي بيان تي وضاحت ڏيڻ لاءِ پيش ٿيڻو هو. 16 مئي تي قانون ۽ انصاف بابت ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪندي جاويد اقبال چيو ته منهنجون اڳ گڏجاڻيون ۽ مصروفيتون طئي آهن، اجلاس ۾ شرڪت نه ٿو ڪري سگهان، ڪميٽيءَ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ مناسب وقت ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان جو آسٽريليا کي ٽيسٽ سيريز کٽڻ لاءِ 538 رنسن جو جبل جيڏو ٽارگيٽ

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ آسٽريليا کي 538 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے