19 پیر , نومبر 2018

ادڪارا تبو سلمان جي فلم”ڀارت“ جو حصو بڻجي وئي

tabu became the part of Salman's film "India"ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سلطان سلمان خان جي ايندڙ فلم”ڀارت“ ۾ انڊسٽري جو ڪيتريون ئي مشهور اداڪارائون موجود آهن، جڏهن ته هاڻ مشهور اداڪارا تبو پڻ فلم ”ڀارت“ جو حصو بڻجي وئي آهي. فلم”ڀارت“ ۾ پريانڪا چوپڙا مُک ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي، جڏهن ته ديشا پٽاني، ڪترينا ڪيف ۽ تبو پڻ هن فلم ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. سلمان خان جي هن فلم جي هدايتڪاري علي عباس ظفر ڏئي رهيو آهي، فلم”ڀارت“ 2014 ۾ ڏکڻ ڪوريا جي فلم”اوڊ ٽو ماءِ فادر“ جي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي. فلم ۾ تبو جي شموليت جو اعلان هدايتڪار پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي ڪيو، هن ٽوئٽ ڪندي ٻڌايو ته تبو سان گڏ پهريون ڀيرو ڪم ڪرڻ تي تمام گهڻو پرجوش آهيان. ياد رهي ته مشهور ڪاميڊين سنيل سنگهه گروور پڻ هن فلم ۾ پهريون ڀيرو سلمان خان سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندو، سلمان خان پنهنجي فلم ”ڀارت“ 5 الڳ اندازن ۾ نظر ايندو. سندس نوجواني واري دور ۾ ساڻس ديشا پٽاني نظر ايندي، جڏهن ته ڪترينا ۽ پريانڪا فلم جي ٻئي حصي ۾ گڏ موجود هونديون ، فلم ”ڀارت“ 2019 واري عيد تي ريليز ڪئي ويندي. واضح رهي ته سلمان خان ۽ تبو ڪيترن ئي يادگار فلمن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن جن ۾ هم ساٿ ساٿ هين، بيوي نمبر ون ۽ جي هو شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے